سورج جي پهرين ڪِرڻ

سورج جي پهرين ڪِرڻ

سورج جي پهرين ڪِرڻ

سورج جي پهرين ڪِرڻ (ڪتاب): هي سنڌ، هند جي نامياري ڪهاڻيڪارِ ۽ ناول نگار تارا ميرچنداڻيءَ جو اصلوڪو ناول آهي، جيڪو هندستان جي سماجي زندگيءَ تي آڌارت آهي. هن ناول ۾ انو ۽ اجئه جي پيار جي شادي ڏيکاريل آهي، جيڪا اجئه جي ماءُ کي پسند نه هئي. هن ناول ۾ شاديءَ کانپوءِ سس ننهن جي کٽ پٽ جو منظر بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انو، سس جون زيادتيون برداشت ڪري ٿي ۽ هڪ وقت اجئه ڌار رهڻ جو سوچي ٿو. ٻارن ٿي وڃڻ کانپوءِ اجئه جي شراب نوشي انوءَ کي پريشان ڪري ٿي، گهرو ماحول ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ٿي، پر هڪ موقعو اهڙو اچي ٿو، جنهن ۾ اجئه پنهنجي غلطي محسوس ڪري ٿو ۽ سندس زندگيءَ ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ انوءَ کي لڳي ٿو ته هن سورج جي پهرين ڪرڻ جو ديدار ڪيو آهي.ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هي ناول سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر، آڪٽوبر 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو